لاکاروڊ (ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ غيبي خان خاصخيلي ۾ 3 ڀائرن ضمير خاصخيلي، صحبت خاصخيلي ۽ فدا حسين خاصخيلي جي گهرن کي باھ لڳي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل اناج ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، متاثرن پاران الزام هنيو ويو آهي تہ اسان جي گهرن کي نامعلوم ماڻهن هٿ سان باھ ڏني آهي.