قمبر (ن پ ا) قمبر جي سول اسپتال محلي ۾ پراڻي تڪرار تان جوابدار احمد حسين وڳڻ پنهنجي ئي برادري جي حبدار وڳڻ جي گهر تي حملو ڪري انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو محمد يوسف عرف اڪن وڳڻ مارجي ويو، جڏهن ته نصيبان خاتون، رخسانه ۽ شبانا خاتون زخمي ٿي پيون، جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.