قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ شير علي کوسو ۾ کوسا برادري جي وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار سبب پنج ڏينهن اڳ ڏيڙان روڊ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيل نوجوان امام بخش کوسو جي وارثن پاران ڪيس ۾ نامزد ڪيل مُک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول نوجوان جي يتيم معصوم ٻارڙن سان گڏجي مقتول جي پيءُ فريادي جمع کوسو، محمد اسحاق کوسو، غلام رضا کوسو ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار آفيس پھچي انصاف لاءِ احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته قتل واري واقعي کي پنج ڏھاڙا گذري ويا آھن، پر پوليس هڪ به مکُ جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. تڪرار سبب جوابدار ڌر مورچا بند بڻيل آھي ۽ جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن ۽ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نامزد سمورا جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، نه ته پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏينداسين.