عمران خان کي ڪيرائڻ ته ٺهيو ڪير هٿ به لاهي نه ٿو سگهي:پي ٽي آءِ اڳواڻ

0
247
عمران خان کي ڪيرائڻ ته ٺهيو

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آھي ته عمران خان کي ڪيرائڻ ته ٺهيو ڪير هٿ به لاهي نه ٿو سگهي، مريم نواز جي حڪم تي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا پر پوليس موٽي آئي

اسد عمر، عمران اسماعيل ۽ علي زيدي ڪراچي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سازشن باوجود عمران خان جي مقبوليت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهيCopy of cipher I had has gone missing, says Imran Khan - Pakistan - Dunya News

اسد عمر جو چوڻ ھو تھ عوام ڏسي پيو ته ڏوهارين لاءِ ڪيئن قانون تبديل ڪيا پيا وڃن، ڏوهاري حلف کڻي وزير بڻجي رهيا آهن، عمران خان جي ليڪ ٿيل آڊيو مان اهو ئي ثابت پيو ٿئي ته ڌمڪي ملي آهي

پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ عمران خان پاڪستان ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ڪري آمريڪا جو نالو نه کڻڻ جون هدايتون ڏئي رهيو هوجمهوريت جو درس ڏيندڙن

ٻئي پاسي شاھ محمود قريشي جي ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا جي ڌمڪيءَ تي ٻڌل سائيفر هڪ حقيقت آهي ۽ مداخلت ٿي آهي، سائيفر مون پاڻ پڙهيو آهي

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ملڪ جا وفادار آهيون، اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو آهي جنهن سان قومي سلامتي کي نقصان پهتو هجي، حڪومت جون وايون بتال ٿيل آهن، سائيفر جي جاچ ڪرائڻ وارو شوق ڀلي پورو ڪيو وڃي

عمران خان جو سازشي بيانيو ڌُوڙ ٿي ويو آهي: احسن اقبال

وفاقي وزير احسن اقبال اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عمران خان جو سازشي بيانيو ڌُوڙ ٿي ويو آهي، عمران نيازي ملڪي تاريخ جي خطرناڪ راند کيڏي، هن ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي

وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو رستن تي ويٺل آهن، عمران خان ڪروڙين رپيا خرچ ڪري جلسا ڪري رهيو آهي، پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ عمران خان ملڪي مفادن تي راند کيڏيسنڌ جي ٻوڏ سٽيل 9 لک 50 هزار

 صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آھي ته عمران نيازي اڄ آچر ڏينهن ضمانت ڪرائي آهي، ڇا اها سهولت هر پاڪستاني شهريءَ جي لاءِ موجود آهي؟

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ٽويٽ بيان ۾ چيو ته پنهنجي تقريرن ۾ عمران خان چوندو رهيو آهي ته هو گرفتاريءَ کان نه ٿو ڊڄي، هو گذريل رات کان پنجاب ۽ ڪي پي پوليس ۽ سليڪٽڊ ٽي وي چينلز جي ڊِي ايس اين جيز  جي پهري ۾ ڇو لڪيل رهيو آهي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور

آڊيو ليڪس: وفاقي ڪابينا عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي