خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن جو تاريخي شهر مان هڪ مهينو گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا شهر مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ايم اين وي ڊرين کي پاڻي نيڪال ڪرائيڻ لاءِ لڳايل ڪٽن مان پاڻي گهٽ نيڪال ٿيڻ لڳو، شهر جا سرڪاري ادارا گرڊ اسٽيشن پوليس اسٽيشن تعلقا اسپتال وٽنري اسپتال ڊگري ڪاليج گرلس ڪاليج نادرا آفيس ، هاءِ اسڪول سول ڪورٽ ۾ هن وقت به 3 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آهي شهر جون سمورين ڪالونين محلن جا گهر پاڻي ۾ ٻڏڻ جي ڪري تباه ٿي ويا آهن، سوين ڳوٺن جا روڊ رستا پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري شهرن کان رابطا ڪٽيل هجڻ جي ڪري ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ڳوٺن ۾ هن وقت به ماڻهو ٻيڙين تي سفر ڪرڻ تي مجبور آهن هڪ مهينو گذرڻ باوجود شهر توڙي ڳوٺن ۾ زندگي معمول تي اچي نه سگهي جڏهن ته سپريو بند ۽ رائيس ڪئنال کي لڳل گهارا ايريگشن عملدارن توڙي ضلعي انتظاميا بند نه ڪرائي سگهيا جنهن جي ڪري رائيس ڪئنال جو پاڻي شهر طرف وهڻ لڳو ،شهر توڙي ڳوٺن ۾ وڏي انگ ۾ معصوم ٻار عورتون مرد مليريا گيسٽرو چمڙي پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن صحت کاتو اگهور ننڊ ستل آهي ، شهر ڳوٺن ۽ بندن تي ويٺل هزارين ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن ، هوڏانهن سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميا خلاف شهرين ڳوٺاڻن شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي ،  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته تاريخي شهر خيرپورناٿن شاه مان هڪ مهينو گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ناهي ڪيو ويو جيڪا اسان سان وڏو ظلم ۽ زيادتي ظلم آهي. سمورا سرڪاري نجي اسڪول ادار پاڻي هيٺ آهن ٻارڙن جي تعليم تباه ٿي وي شهرين جا گهر تباه ٿي ويا واپارين جا ڪاروبار تباه ٿي ويا آهن. سڄو شهر تباه ٿي ويو آهي ان باوجود به انتظاميا پاڻي ڪڍرائيڻ لاء تيار ناهي چونڊيل نمائندا گم آهن اسين نڌڻڪائپ جو شڪار آهيون ٻڏڻ کان وٺي هن وقت تائين شهر جي ڪنهن به صوبائي وزير چونڊيل نمائندي ڪاموري سار ناهي لڌي اسان جي شهر کي موهن جو دڙو ڪري ڇڏيو اٿن اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء مشينون لڳائي شهر جو پاڻي نيڪال ڪري شهر جي بجلي بحال ڪئي وڃي شهر توڙي ڳوٺن ۾ صحت ون سهولتون ڏئي کاڌ خوراڪ پيئڻ جو صاف پاڻي دوائون فراهم ڪيون وڃن ماڻهن کي بک بيمارين کان بچايو وڃي.