قومي ھيرو علي سدپارھ جي پٽ ساجد سدپارھ سڀاڻي کان ٻيھر ڪي ٽو جبل سر ڪرڻ جي مھم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ڪوھ پيما ساجد سدپارھ سڀاڻي کان ڪي ٽو روانھ ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ ڪي ٽو وڃي ڪري مرحوم والد ۽ ھن جي ساٿي جان سنو تي ڊاڪيوميٽري ٺاھڻ چاھيان ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪي ٽو جبل سر ڪرڻ جي سصفر ۾ غير ملڪي ڪوھ پيما بھ گڏ ھوندا، انھيءَ مھم ۾ 40 کان 45 ڏينھن لکي سگھن ٿا. ساجد سدپارھ وڌيڪ چيو تھ گلگت بلتستان حڪومت کان ڪي ٽو جبل سر ڪرڻ جي ڳالھھ ڪئي پر انھيءَ طرفان ڪوبھ جواب ناھي آيو. ھن جو چوڻ ھو تھ ڪوھ پيمائي ھڪ ايڊوينچر آھي جنھن جو شوق مرحول والد کي ڏسي ٿيو. خيال رھي تھ پاڪستان جي ھيور محمد علي سدپارھ کي دنيا جي 14 وڏي چوٽين مان 9 کي سر ڪرڻ جو اعزاز حاصل ھو، گذريل سال سياري جي موسم ۾ ڪي ٽو جبل جي مھم انھيءَ جي آخري مھم ثابت ٿي ۽ ھو پنھنجي غير ملڪي ڪوھ پيمار ساٿي سان گڏ گم ٿي ويو. محمد علي سدپارھ ۽ ير ملڪي ڪوھ پيمار جي ڳولا جي لاءِ پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن ريسڪيو آپريسن بھ ڪيو پر ڪوھ پيمائن جي باري ۾ بھ خبر نھ پئي پئجي سگھي.