ھشام ماني جي پيشڪش ڪئي، شرميلا مڙس سان پھرين ملاقات جو احوال ٻڌائي ڇڏيو

0
507

پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر شرميلا فاروقي مڙس سان پھرين ملاقات جو احوال پنھنجي مداحن سان شئير ڪيو آھي. شرميلا فاروقي مڙس سان گڏ ڪجھھ ڏينھن پھريان نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ظاھر ٿي ۽ پروگرام جي شو ميزبان جي سوال تي ھن ٻڌايو تھ انھيءَ جي مڙس سان پھرين ملاقات بلاول ھائوس ۾ ٿي. شرميلا فاروقي ٻڌايو تھ ھشام کي پھريون دفعو ڪابينا جي ميٽنگ جي دوران آصف علي زرداري سان گڏ بلاول ھائوس ۾ ڏٺو ھو. جڏھن آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ھو ۽ آئون سنڌ ڪابينا ۾ ھئس. شرميلا فاروقي ٻڌايو تھ مھيني کن کانپوءِ ايوان صدر ۾ انساني حقن جي حوالي سان ھڪ تقريب ٿي جتي مونکي ايوارڊ ڏنو ويو ھو، انھيءَ کانپوءِ ھشام مون وٽ آيو ۽ ماني تي ھلڻ جي پيشڪش ڪئي، جنھن کي مون اھو چئي رد ڪري ڇڏيو تھ مان مصروف آھيان. شرميلا فاروقي وڌيڪ چيو تھ ھشام چيو تھ اوھان ۽ اڳوڻي سينيٽر صغريٰ امام آھن اوھان ٻئي ماني تي ھلو. شرميلا فاروقي دلچسپ قصو ٻڌائيندي چيو تھ جڏھن مان ماني کائڻ لاءِ اتي ويس تھ اتي صغريٰ امام نھ ھئيم انھيءَ کي ماني کائڻ خبر ئي نھ ھي، منھنجي پڇڻ تي ھشام چيو تھ صغريٰ امام بيمار ٿي وئي آھي. ياد رھي تھ ھشام شيخ ۽ شرميلا فاروقي جي شادي مارچ 2015 ۾ ٿي ھئي. ٻنھي کي ھڪ پٽ جو اولاد بھ آھي.