شينهن جي طاقت

0
248

سيل فون تي رشيده مڙس سھيل جو ھوريان آواز وارو گفتو ته ٻڌي ورتو. پر پڇاڻو ڪرڻ مناسب نه سمجهي اندر جي مُڪَ اندر ۾ ھڻي ويھي رھي.
سھيل جڏهن ٺھي سنڀري گهر مان نڪري ويو، ته رشيده جي آنڌ مانڌ وڌندي وَڻُ ٿيندي وئي. ھر ھر نظرون گهڙيال ۾ گھورينديون رھيون ۽ جڏهن ٻئي سيون ٻارھن جي انگ تي بيٺيون ته ھن جا ھٿ برقعي ڏانهن وڌيا. جيڪو تڙتڪڙ ۾ پائي گهر کي تالو ھڻي گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي تي پھچي ھن ھڪ رڪشا کي ھٿ ڏئي روڪيو. ھنڌ ٻڌائي ڪرايو طئي ڪري ان ۾ ويٺي.
رڪشا شھر جي مشهور پارڪ اڳيان بيٺي ته لھي مک گيٽ کان اندر ھلي وئي. ھڪ ٻارو ٽپي ٻئي ۾ پھتي ته سھيل کي وڻ ھيٺان پيل ڇانوَ واري بينچ تي ويٺل ڏٺائين. جنهن جي ڀر ۾ ڪارو برقعو پھريل ۽ ان جي پڙديءَ جو مُنهن تي نقاب ڏنل وڏين اکين واري عورت ويٺي ھئي.
“ھيءَ اھائي آ نه، جنهن سان روز تون مونکان لڪي فون تي ڳالھائيندو آن؟..”
سھيل ھڪو ٻڪو ٿي ويو. جواب جو اکر نه اُڪليس، ته ان عورت سان مخاطب ٿي،”شرم نٿو اچئي، ڪنهن پرڻيل مرد سان ھيئن عشق لڙائيندي..”
موٽ ۾ اھا عورت به چپ رھي، ته نِوِڙيِ ھن ٻاري جي پاسي کان ھڪ ھٿ ۾ ڪجهه ڀينڊ کڻي ورتا ۽ زور سان سھيل ڏانهن اڇلايا.
” اھو ڇا ٿي ڪرين؟!..”
“ڇا ٿي ڪيان. بيههُ ته ٻڌايانءِ ٿي ۽ چڱيءَ طرح ٿي سمجهايانءِ..” ڊوڙي وڃي مُنهن ۾ چنبو ھنيائينس ۽ مُڪُنِ جو وسڪارو لائي ڏنائينس.
پارڪ ۾ ويٺل ماڻهو مِڙي مُچي ٿي ھنن ڀرسان اچي بيٺا.
عورت سھيل کان پرڀرو ٿي کسڪڻ جي ڪئي، ته رڙ ڪري رشيده اوڏانهن مُڙي.”بيھهُ رَنَ ته توکي به سيکاريان سبق.. “وڌي ان کي به ڪجهه مُڪون ھنيائين ۽ پوءِ وڦلندي چيائين،”ٻُڌاءِ ڇا آھي اھڙو تو ۾، جيڪو مون ۾ ناھي، جنهن تي ھي اَڪَنُ شَڪَنُ ٿيو آ..”
عورت جيئن تيئن ڪري ھن کان پاڻ ڇڏائي مُک گيٽ ڏانهن ڀڳي ته سھيل به ان جي ڪڍ ڀڳو ۽ ھوءَ به پويان ڊوڙندي وين. تڏهن سمارٽ فون تي اھو منظر رڪارڊ ڪندڙ وَھيِءَ کان موٽيل شخص پنهنجي دوست کي چيو،”ڏسين ٿو عورت جو ھي روپ. جيڪا ڪمزور ھوندي پنهنجيءَ تي اچي ٿي، ته طاقت شينهن کان به وڌي ٿي وڃيس..”