ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهرين جِي گمشدگي سنجيده ۽ انساني حقن جو معاملو آهي، پر وفاقي گهرو سيڪريٽري سنجيدگي نه پيو ڏيکاري: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار، عدالت خيبرپختونخواهه جَي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جِي فهرست طلب ڪري ورتي، عدالت گهرو کاتي کي فوڪل پرسن تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته انساني حقن جي معاملي تي فوڪل پرسن عدالت جي معاونت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته وفاقي گهرو سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪري يا ذاتي حيثيت ۾ عدالت اچي، ٻي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي  ڪئي ويندي.