ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سجل جي غيراخلاقي لباس پائڻ تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي. تفصيل موجب اداڪارا سجل علي مڙس احد رضا سان گڏ پنهنجي هڪ دوست عمير قاضي جي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي هن گهوٽ جي فرمائش تي پنهنجي مڙس سان گڏجي ڊانس ڪئي، سجل کي مختصر لباس پاتل هو، سندس ڊانس واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مداحن مٿس تنقيد جا تير وهائڻ شروع ڪري ڏنا آهن هڪ مداح لکيو آهي ته لڳي ٿو شادي کانپوءِ سجل گهڻي بولڊ ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سجل کي ساڙهي پاتل آهي جنهن مان سندس جسم صاف نظر اچي رهيو آهي.