سلمان، جاني ليور ۽ شمع سڪندرآپگهات بابت سوچيو

0
405
سلمان، جاني ليور ۽ شمع سڪندرآپگهات بابت سوچيو
سلمان، جاني ليور ۽ شمع سڪندرآپگهات بابت سوچيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جا ڪيترائي وڏا فنڪار پنهنجن حالتن کان شڪست کائڻ ۽ بيماري کان تنگ ٿي آپگهات ڪرڻ جو ذهن بڻائي چڪا آهن.ڪاميڊيئن جاني ليور جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، هو گھٽين ۾ قلم وڪڻي پيسا ڪمائيندو هو. حالتن کان پريشان ٿي جاني ليور به آپگهات ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو،

اداڪار اڌيان سمن ڪنگنا کان عليحدگي ٿيڻ بعد ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪرڻ بابت سوچي چڪو آهي.هڪ انٽرويو ۾ منوج باجپائي ٻڌايو ته هو نيشنل اسڪول آف ڊراما ۾ داخلا وٺڻ جو خواب ڏسندو هو پر جڏهن کيس رد ڪيو ويو ته هن آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀارتي ٽي وي جي مشهور شخصيت شمع سڪندر ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ سب شمع هڪ ئي رات ۾ ننڊ جون ڪيتريون ئي ٽڪيون کاڌيون.

سلمان خان ڪيترن ئي سالن کان ٽرائي جيمينل نيورالجيا نالي لاعلاج بيمارين ۾ مبتلا آهي. ان بيماري کي آپگهات جي بيماري به چيو ويندو آهي. هڪ انٽرويو دوران اداڪار ٻڌايو هو ته هن  ان بيماري سان وڙهندي ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪرڻ جو به سوچيو هو.