ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ عدالت مان آزاد ٿيڻ بعد گرفتار

0
304
ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ عدالت مان آزاد ٿيڻ بعد گرفتار
ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ عدالت مان آزاد ٿيڻ بعد گرفتار

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) نمبر ون ٽينس اسٽار نوواڪ جو ڪووچ کي عدالتي حڪم تي آزاد ڪرڻ بعد ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو. ان کان اڳ ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ آسٽريليا مان ملڪ بدري جو ڪيس کٽي ويو هو،

آسٽريلوي عدالت جووڪووچ جي ويزا رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو هو. حڪومتي وڪيل جو عدالتي فيصلي تي چوڻ هو ته آسٽريلوي اميگريشن وزير جووڪووچ جي ويزا ٻيهر رد ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿو. آسٽريلوي ميڊيا موجب جيڪڏهن ويزا رد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جووڪووچ تي آسٽريليا ۾ داخلا تي 3 سالن لاءِ پابندي لڳي ويندي.

آسٽريلوي اوپن جي شروعات 17 جنوري تي ميلبرن ۾ ٿي رهي آهي، جوڪووچ ماضي ۾ اهو ٽورنامينٽ 9 ڀيرا کٽي چڪو آهي.