رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان گاد برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجھد ۾ گاد ڌرين ۾ مبينا سرون چورائڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، ان دوران مڪون ۽ سروٽا لڳڻ سب علي حسن، علي ڏنو ۽ زاھد گاد زخمي ٿي پيا. متاثر ڌر بھارو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي پر ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.