دڙو (ن پ ا) دڙو شهر جي وارڊ 2 ڪنڀر پاڙي جو رهواسي پ پ جو جيالو   30 ورهين جو پورهيت غلام حسين ڪنڀر گذريل 8 مهينن کان  ڳلي جي  ڪينسر هجڻ سبب سخت تڪليف وارا ڏينهن گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي، ان حوالي سان  بيمار پورهيت  جي  وارثن  شبير ڪنڀر، عظيم ڪنڀر،اڪبر ڪنڀر ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان ڳلي جي ڪينسر وگهي بستري ڀيڙو آهي، غربت سبب علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، هنن پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پورهيت جو علاج ڪرايو وڃي.