بدين ۾ سارين جو فصل تيار، واپارين اگهه گهٽائي ڇڏيو، آبادگار پريشان، ڪاميٽي قائم

0
180

بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ضلعي ۾ سارين جو فصل لھڻ شروع ٿيندي ئي ڪارخانيدارن ۽ سيٺين   اگھه ڪرائي ڇڏيا، ضلعي ۾ آبادگارن کان سارين جو في مڻ 1450 رپين ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان  آبادگارن محمد امين جوڻيجو، علي محمد، صديق جوڻيجو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت طرفان سارين جي خريداري جا مرڪز قائم ڪري ساريون امدادي اگھه تي خريد نه ڪرڻ سبب ڪارخانيدار ۽ واپارين من پسند اگھن تي ساريون خريد ڪري رھيا آھن

هنن چيو ته سارين جي في مڻ تي 3 کان 4 ڪلو ڪٽوتي پڻ ڪئي پئي وڃي،  جنهن سبب نقصان ٿي رهيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيسوٺي سارين جو مناسب اگهه مقرر ڪري ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي، ھوڏانھن آبادگارن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڊي سي آغا شاهنواز نوٽيفڪيشن  جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق آبادگارن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ھر تعلقي سطح تي 6 رڪني ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جنهن ۾ لاڳاپيل تعلقي جو اسسٽنٽ  ڪمشنر چيئرمين ھوندو ۽ مختيارڪار زراعت کاتي ماپ طور چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ رائيس ملن پاران ھڪ ھڪ نمائندو ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو سارين سان لاڳاپيل سمورين شڪايتن کي گڏجي حل ڪندا.