پئرس (م ڊ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي گڏيل قومن پاران دهشتگرد قرار ڏنل ادارن، تنظيمن ۽ فردن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ ۽ کين سزائون ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پئرس ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو ٽن ڏينهن تائين هلندڙ اجلاس ڪالهه پڄاڻي تي پهتو، اجلاس ۾ پاڪستان حڪومت جي 27 شرطن تي ڪيل جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي سزائن بابت پاڪستان جي ڪارڪردگي کي به جاچيو ويو. اداري موجب پاڪستان مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ خاطر خواهه اڳڀرائي ڪئي آهي، ان حوالي سان پاڪستان 6 مان 4 شرط پورا ڪري ورتا آهن، مجموعي طور تي پاڪستان حڪومت 27 مان 26 شرط پورا ڪيا آهن. فيٽف پاڪستان طرفان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد بابت هيل تائين قدمن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پاڪستان کي ايندڙ سال فيبروري تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽاسڪ فورس جو چوڻ آهي ته ڀرپور سهڪار تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فيٽف جي صدر مارڪوس پليئر چيو ته پاڪستان گري لسٽ ۾ رهندو، پاڪستان کي جون ۾ ايڪشن پلان تي عمل ۾ مني لانڊرنگ جا مسئلا هئا، پاڪستان مجموعي طور تي نئين ايڪشن پلان تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ان ۾ حڪمرانن جي مالي نگراني ۽ عالمي سهڪار لاءِ قانوني ترميمون شامل آهن. پاڪستان مني لانڊرنگ خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن جو سندن ملڪ کي به فائدو ٿيو ۽ ماڻهن سرڪاري چينلن سان پئسا اماڻڻ شروع ڪيا، پاڪستان 34 مان 30 نڪتن تي عمل ڪيو آهي جنهن مان پاڪستان جي حڪومت جو عزم واضح آهي ان ڪري ئي پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي، پاڪستان باقي رهيل چئن نڪتن مان ٻن نڪتن تي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته ٻن نڪتن تي اڃا عمل ٿيڻو آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان فنانشل سيڪٽر ۽ نان فنانشل ڪاروبار ۽ پروفيشنز ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ فريم ورڪ تي اڳڀرائي ڪئي آهي، پاڪستان ۾ ريگوليٽرز ۽ سپروائزر ٿڏي تي وڃي آن لائن ۽ آن سائيٽ مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. 7 مان چئن نڪتن تي اهم اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. پاڪستاني حڪومت اسان سان سهڪار ڪري رهي آهي ۽ اسان کين چئون ٿا ته هو جلد باقي چئن نڪتن تي به عمل ڪن. هن چيو ته پاڪستان کي 27 مان رڳو هڪ شرط تي عمل ڪرڻو آهي جنهن ۾ پاڪستاني ۽ گڏيل قومن طرفان پابندي پيل تنظيمن ۽ فردن خلف مستحڪم جاچ، انهن جي ڪيسن جي اثرائتي پيروي لاءِ جامع پراسيڪيوشن جو نظام جوڙڻو پوندو ته جيئن پاڪستان ۾ ڪرپشن، منظم ڏوهن جو خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته آف شور ڪمپنين ۾ سيڙپ جي جاچ ٿي رهي آهي، آف شور ڪمپنين ۾ مني لانڊرنگ واري ناڻي جو جائزو وٺنداسين. مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مني لانڊرنگ روڪڻ ۾ پينڊورا پيپرز به مدد ڪئي آهي. پئرس ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت جرمني ڪئي، عالمي نيٽ ورڪ ۽ مبصر تنظيمن جي 205 ميمبرن جي وفدن ايف اي ٽي ايف پلينري جي هائبرڊ اجلاس ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ ڏوهن ۽ دهشتگردي جي مالي مدد خلاف عالمي ڪارروائي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ترڪي مني لانڊرنگ خلاف قانون بهتر بڻائڻا پوندا، زمبابوي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، مالي، اردن ۽ ترڪي نظام بهتر ڪيو، ماريشيس ۽ بوٽسوانا کي گري لسٽ مان ڪڍي رهيا آهيون، اجلاس ۾ ترڪي، مالي ۽ اردن کي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. زمبابوي کي به آن سائيٽ مانيٽرنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو.