ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي برهان چانڊيو ۽ جي ڊي ايم ايم پي اي شهريار مهر پاڪستان جي وادي هنزه ۽ ٻين علائقن جي دوري ۽ شڪار تي نڪتل آهن. پ پ ۽ جي ڊي اي جي ايم پي ايز پنهنجي دوري دوران سنڌ اسيمبلي اندر هڪٻئي جي مخالفت ۾ تقريرون ڪندڙ ٻنهي ايم پي ايز هماليه جبل جي 400ميٽر اوچائي تي شڪار دوران مارخور شڪار ڪيو. ٻنهي ايم پي ايز پنهنجي اهڙي شڪار جون تصويرون پڻ پبلڪ ڪيون آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.