حيدرآباد: حيدرآباد ۾ منافعي خور واپارين خلاف انتظاميا ڪريڪ ڊائون ڪندي واپارين کان 3 لک 63 هزار ڏنڊ وصول ڪري ورتو. کير 100 رپين بدران 120 رپيا في ليٽر وڪرو ڪرڻ تي پونم ڊيري کي سيل ڪيو ويو. قاسم آباد ۾ دڪاندارن کان 62 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. لطيف آباد ۾ کير جي ڊيرين، ميوات ۽ ڀاڄين جا وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن کان 2 لک 5 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. سٽي تعلقي ۾ کير جي ڊيري ۽ مٺائي جي دڪان کان مجموعي 30 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. لطيف آباد يونٽ 7، 8 ۽ 9 وارن علائقن ۾ عام واهپي جون شيون مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کان 86 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. ڪمشنر ۽ ڊي سي به مختلف علائقن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه معلوم ڪرڻ لاءِ دورا ڪيا.