تائيوان: سڄي دنيا ۾ منفرد تجربن ڪرڻ وارن ماڻهن جي کوٽ ناهي ، پر توهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته تائيوان ۾ هڪ شخص معاوضي سان گڏ ملندڙ موڪلن لاءِ 37 ڏينهن ۾ 4 ڀيرا شادي ڪئي. تائيوان جي قانون موجب، نڪاح جي وقت هڪ شخص کي ڪم کان 8 ڏينهن جي موڪل ڏني ويندي آهي ۽ ادارو ان ماڻهو کي معاوضو به ڏيندو آهي. تائيوان جي هڪ همراهه پنهنجي پهرين شادي جي موڪل جي آخري ڏينهن تي پنهنجي زال کي طلاق ڏني ۽ ٻئي ڏينهن ٻيهر شادي ڪئي، قانون تحت اٺ وڌيڪ موڪلن جو مطالبو ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ، همراه 37 ڏينهن ۾ ساڳئي عورت سان 4 ڀيرا شادي ڪئي ۽ موڪل وڌائڻ لاءِ 3 ڀيرا طلاق ڏني، اهڙي ريت هو معاوضي سان گڏ 32 موڪلون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.