لاهور (شوبز نيوز)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره صبور علي انڪشاف ڪيو آهي ته مون هميشه کان ئي ايرو اسپيس انجنيئر ٿيڻ پئي چاهيو.گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام اسٽوري ۾ اداڪاره پاران پاڪستان جي ننڍي عمر واري ايرو اسپيس انجنيئرعروبه فريدي جي تصوير شيئر ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو.اداڪاره پوسٽ تي ڪيپشن لکيو ته هميشه اهوئي ٿيڻ پئي چاهيو.ياد رهي ته عروبه فريدي پاڪستان جي ننڍي عمر جي عورت اسپيس انجنيئر آهي جنهن 7 سال جدوجهد ڪري تازو انٽرنيشنل ايئر ڪرافٽ مينٽيننس لائسنس حاصل ڪيو آهي.