دادو (رپورٽر ) دادو ۾ ايجوڪيشن ورڪس کاتي پاران 60 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪرايل ٽينڊرن جون قانوني گهرجون پوريون نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان سلسلي ۾ ٺيڪيدار اشفاق ملڪ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. اينٽي ڪرپشن اسپيشل ڪورٽ حيدرآباد نوٽيس جاري ڪندي ايجوڪيشن ورڪس کاتي دادو جي انجنيئر کي طلب ڪيو آهي، ٺيڪيدار اشفاق ملڪ داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته اسڪولن ، ڪالڪجز جي عمارتن جي مرمتي ڪم جي 60 ڪروڙ رپين جي 136 ، اسڪيمن ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون ، ٺيڪا من پسند ٺيڪيدارن کي ڏئي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي دادو جي ٺيڪيدارن دانيال احمد .امتياز احمد ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته دادو جي ايجوڪيشن کاتي ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ٺيڪا به من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا آهن جيڪي سيپرا جي قانون جي اهل نه هئا. هنن وس وارن توڙي اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.