عثمان شاهه هڙي ويجهو موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

0
52
عثمان شاهه هڙي ويجهو موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل
عثمان شاهه هڙي ويجهو موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

ٽنڊو الهيار جي علائقي عثمان شاهه هڙي ويجهو موٽرسائيڪل جي ڦر دوران مزاحمت تي ڪنڊياري واسي شهري مارجي ويو

 هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري گيانچند کي قتل ڪري ڇڏيو، گيانچند ڳوٺ موريو ساند ۾ مائٽن وٽ تعزيت ڪرڻ آيو هو

 ابراهيم شاهه لنڪ روڊ تي ڦورن گيانچند کان موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، هٿياربند گيانچند کي قتل ڪرڻ بعد سندس موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا

علائقي واسين جو واقعي خلاف ٽنڊو آدم روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن ڀنگ نه ملڻ تي مغوي کي قتل ڪري ڇڏيو