سنڌ ڪابينا ۾ شامل وڌيڪ 8 وزيرن کي کاتا الاٽ

0
61
سنڌ ڪابينا ۾ شامل وڌيڪ 8 وزيرن کي کاتا الاٽ
سنڌ ڪابينا ۾ شامل وڌيڪ 8 وزيرن کي کاتا الاٽ

سنڌ ڪابينا ۾ شامل وڌيڪ 8 وزيرن کي کاتا الاٽ، ڄام اڪرام ڌاريجو کي واپار ۽ صنعتون، محمد علي ملڪاڻي کي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ۽ مخدوم محبوب الزمان بحالي کاتو ڏنو ويو، دوست محمد راهمون کي ماحوليات ۽ ساحلي ترقي، شاهد ٿهيم کي ليبر ۽ هيومن ريسورس کاتا الاٽ، رياض شاهه شيرازي کي اوقاف، مذهبي معاملا ۽ عشر زڪوات کاتو ملي ويو، شاهينا شير علي کي عورتن جي ڀلائي ۽ طارق ٽالپر سماجي ڀلائي جا کاتا ڏنا ويا، جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري کي ورڪس اينڊ سروسز کاتو به ڏنو ويو، چيف سيڪريٽري پاران وزيرن کي کاتا الاٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، اُن کان اڳ گورنر ڪامران ٽسوري وڌيڪ 8 وزيرن کي حلف کڻايو هو، سنڌ ڪابينا جي ميمبرز جو انگ وڌي 18 ٿي ويو

هن کي به پڙهندا

سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 ميمبرز حلف کڻي ورتو