سنڌ اسيمبلي جون پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ورهايل مخصوص سيٽون واپس ڪيو: سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي

0
50

سنڌ اسيمبلي جون پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ورهايل مخصوص سيٽون واپس ڪيو: سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل بئرسٽر علي طاهر دليل ڏيندي چيو ته سنڌ مان 9 ڪامياب آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل آهن، سني اتحاد ڪائونسل کي عورتن جون 2 ۽ هڪ اقليتي سيٽ ملڻ گهرجي ها، اليڪشن ڪميشن اهي ٽئي سيٽون پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ورهائي ڇڏيون، سرڪاري وڪيل چيو ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ اڳواٽ نالا ڏنا ئي نه هئا، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي وڪيل علي طاهر کي چيو ته سمورو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي توهان ڇا ٿا چاهيو؟ بئرسٽر علي طاهر چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کي سندس حصي جون مخصوص سيٽون واپس ڪيون وڃن، عدالت اليڪشن ڪميشن، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا