وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي ويو، مراد علي شاهه سان ملاقات

0
27
وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي ويو، مراد علي شاهه سان ملاقات
وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي ويو، مراد علي شاهه سان ملاقات

ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن جي دوري تي آيل وزيراعظم شهباز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه  جي ملاقات، وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 وڏي وزير وزيراعظم سان سڌي ريت ڪٽوتين کانپوءِ فنڊز جي واپسي بابت به ڳالهايو، وزيراعظم  گڏجي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو

 ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي

مزار قائد تي فاتحه خواني بعد وزيراعظم شهباز شريف مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا ۽ اتي موجود شاگردن کان حلف ورتو

گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏو وزير مرد علي شاهه به ساڻس گڏ هئا، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف گورنر ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان به ملاقاتون ڪندو

 شهباز شريف ڪراچي ۾ واپاري برادريءَ کان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ تجويزون پڻ وٺندو، ڪراچي جي دوري سبب وفاقي ڪابينا جو اڄوڪو اجلاس ملتوي ڪيو ويو