پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو

0
57
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف  وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو، آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي معاهدي تحت هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جاري ڪيا ويندا

آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته نئين چونڊيل حڪومت معاشي هدف پورا ڪندي، پرائمري بيلنس 401 ارب رپين تائين رهندو، اميد آهي ته پرائمري بيلنس معيشت جو ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو رهندو

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نئين چونڊيل حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، نئين چونڊيل حڪومت بجلي ۽ گئس جي قيمت بروقت ايڊجسٽ ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي

آءِ ايم ايف موجب نئين چونڊيل حڪومت غريب  طبقن کي بجلي ۽ گئس جا اگهه  وڌائڻ ۾ تحفظ ڏيندي، نئين چونڊيل حڪومت بجلي ۽ گئس جي بلن جون اوڳاڙيون بهتر بڻائڻ جي  خاطري ڪرائي آهي

هي به پڙهندا

فوج ۾ افغان شهري ليفٽيننٽ ۽ ڪيپٽن جي عهدن تي ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف: مون کين ڪڍي ڇڏيو آهي: خواجه آصف