سنڌ حڪومت پاران 20هين ۽ 21هين گريڊ جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

0
83

ڪراچي (رپورٽر) خالد محمود شيخ سيڪريٽري خوراڪ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري ، سنڌ حڪومت پاران 20هين ۽ 21هين گريڊ جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ناصر عباس سومرو کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

20هين گريڊ جي آفيسر خالد محمود شيخ کي سيڪريٽري خوراڪ مقرر ڪيو ويو، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ شڪيل مڱڻيجو بدلي، وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم جو چيئرمين مقرر ٿي ويو

فاريسٽ کاتي جي 21هين گريڊ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري نجم شاھه کي بدلي ڪري چيئرمين پي اينڊ ڊي مقرر ڪيو ويو

ڪوآپريٽو کاتي جي سيڪريٽري بدر جميل مينڌرو کي بدلي ڪري فاريسٽ ۽ وائلڊ لائيف کاتي جو سيڪريٽري مقرر  ڪيو ويو

چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو