نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻي ورتو

0
39
نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻي ورتو
نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي 24هين وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو

تقريب جي شروعات ايوان صدر ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، تقريب ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شرڪت ڪئي

ان کان علاوه آصف زرداري، نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي به حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته مختلف ملڪن جا سفير پڻ حلف برداري تقريب ۾ شريڪ ٿيا

صدر عارف علوي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کان حلف ورتو

وزيراعظم جي حلف برداري کانپوءِ شهباز شريف وزيراعظم هائوس پهتو، کيس هٿياربند فوج جي جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو وزيراعظم آفيس جي عملي سان تعارف ڪرايو ويو، جنهن دوران وزيراعظم اسٽاف سان هٿ ملايو

ان کان علاوه نگران وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ انوار الحق ڪاڪڙ به شهباز شريف سان ملاقات ڪندو

گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ شهباز شريف 201 ووٽ حاصل ڪري وزيراعظم چونڊجي ويو جڏهن ته سندس مخالف اميدوار عمر ايوب خان 92 ووٽ حاصل ڪيا

هي به پڙهندا

سائيفر معاملي ۾ ڪنهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي: بلاول جي تقرير دوران اپوزيشن جو سخت احتجاج