سائيفر معاملي ۾ ڪنهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي: بلاول جي تقرير دوران اپوزيشن جو سخت احتجاج

0
60

بلاول ڀٽو زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرز جو سخت احتجاج ۽ نعريبازي، بلاول پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سائيفر واري معاملي ۾ ڪنهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي

ايوان ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سائيفر جي ڪاپي پرڏيهي اخبار ۾ شايع ٿي، پي ٽي آءِ جي باني کان پڇيو ويو ته هن چيو ته اها ڪاپي مون وٽان گم ٿي وئي آهي، اسان هنن جا ڪوڙ وائکا ڪندا رهنداسين

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا جمهوريت جا ليڪچر اسان کي نه ڏين، پي ٽي آءِ خلاف ڪا غير جمهوري ڪارروائي ٿي ته اسان هنن جو ساٿ ڏينداسين، هي جذباتي ماڻهو آهن منهنجي هڪ جملي تي رڙيون پيا ڪن، پارليامينٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي، عوام اسان ڏانهن ڏسي رهيو آهي ته هنن جا مسئلا حل ڪنداسين

هن چيو ته احتجاج جي نالي تي هڪ ٻئي کي گاريون نه ڏنيون وڃن، قومي اسيمبلي ۾ سموريون تقريرون لائيو ڏيکاريون وڃن، اليڪشن ۽ عدليه ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ اپوزيشن به انهن سڌارن ۾ حصو وٺي

بلاول ڀٽو چيو ته عوام اسان کي گاريون ڏيڻ لاءِ نه پر مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو آهي، توهان شهباز شريف کي وزيراعظم تسليم نه ڪندئو ته هن تي تنقيد به نه ڪري سگهندئو، بلاول جي تقرير دوران سني اتحاد ڪائونسلر جي ميمبرز جو احتجاج، گوڙ ڪيو پيو وڃي

هي به پڙهندا

محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو، قومي اسيمبلي ميمبرز جي مذمت، جاچ جو مطالبو