محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو، قومي اسيمبلي ميمبرز جي مذمت، جاچ جو مطالبو

0
55

اسلام آباد (م ڊ) محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي قومي اسيمبلي ميمبرز طرفان مذمت ڪئي وئي آهي، جاچ جو مطالبو ڪيو ويو

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل رات پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو فاشزم جي انتها آهي، مذمت ڪيون ٿا

هن چيو ته محمود خان اڪزئي جي گهر جيڪا ڪارروائي ڪئي وئي اها افسوسناڪ آهي، ڪالهه واري منهنجي تقرير لائيو نه ڏيکاري وئي، هن چيو ته انسپيڪٽر جنرل ڊاڪٽر عثمان کي هٽايو وڃي

Omar Ayub criticizes PML-N for signing expensive power contracts

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪئي وئي

 قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي چوان ٿو ته هن معاملي تي ايڪشن وٺن

بلاول چيو ته محمود خان اچڪزئي صدارتي اميدوار آهي، اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو هڻي صدارتي چونڊن کي بنا جواز جي تڪراري بڻايو پيو وڃي

Budget and budget session illegal; indicators of economic growth false: Bilawal

 اسپيڪر بلاول کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنو ته بلاول چيو ته محمود خان اچڪزئي کي فلور ڏنو وڃي، محمود خان اچڪزئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پي ٽي وي قومي اسيمبلي جي جاري لائيو ڪارروائي بند ڪري ڇڏي

اسپيڪر اياز صادق محمود خان اچڪزئي کي چيو ته توهان سينيئر سياستدان آهيو، ذاتيات تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ذاتيات تي ڳالهايو ويو ته پوءِ ڳالهه گهڻي پري هلي ويندي

هي به پڙهندا

صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي ڪوئيٽا واري گهر ۽ آفيسز تي ڇاپا