بئرسٽر گوهر پاران تقرير دوران بلاول تي تنقيد ڪرڻ تان پيپلزپارٽي جي ميمبرز جو گوڙ

0
47

بئرسٽر گوهر پاران تقرير دوران بلاول تي تنقيد ڪرڻ تان پيپلزپارٽي جي ميمبرز جو گوڙ، بئرسٽر گوهر چيو ته جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ بلاول اسان جي عورتن تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني هنن جي موروثي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، مون جهڙي ڪارڪن کي پي ٽي آءِ جو چيئرمين لڳايو ويو، ڇا پيپلزپارٽي وٽ اهڙو ڪو ماڻهو نه هو جيڪو پارٽيءَ جو صدر بڻجي سگهي ها

هن چيو ته قانون جي بالادستي جي معاملي ۾ اسان رڳو افغانستان ۽ ميانمار کان اڳتي آهيون، باقي سڀني کان پوئتي آهيون

 اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي، بشريٰ بي بي ۽ پرويز الاهي خلاف ڪيس ختم ڪيا وڃن، ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ته جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ توهان سان گڏ هونداسين

هي به پڙهندا

سائيفر معاملي ۾ ڪنهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي: بلاول جي تقرير دوران اپوزيشن جو سخت احتجاج