شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي فيصلو محفوظ

0
45

شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي فيصلو محفوظ

سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته صدارتي ريفرنس تي راءِ يا فيصلو اڄ ته نه پر جلد ٻڌايو ويندو، آصفه، بختاور ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو جي وڪيل رضا رباني پنهنجا دليل مڪمل ڪندي چيو ته هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ان وقت آئين تحت ڪم نه ڪري رهيون هيون

چيف جسٽس چيو ته جنرل ضياءَ الحق جو تعصب به ڪم ڪري رهيو هو، ججن مارشل لا ريگوليشن تحت حلف کنيو هو، هنن جي حلف مان آئين جو لفظ ڪڍيو ويو هو، ان وقت جج آئين تحت جج نه هئا

 جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مارشل لا دور ۾ ته گورنر ٽرائل به هلائي سگهندا هئا، رضا رباني چيو ته مارشل لا ۾ اهي ته بادشاهه هئا، احمد خان قصوري به ڪيس ۾ دليل ڏنا، 9 رڪني بينچ صدارتي ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو