ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)سون 900 رپيا مهانگو : ڊالر 282 تي پهتو، ان ڏس  ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  900 رپيا واڌ سان 220300 مان 221200 رپيا تولو ٿي ويو ، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 3 ڊالرن جي اضافي سان 2086 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 2600 رپين تي بيٺل رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 20 پئسا لاٿ سان  282.2 مان 282 ۽ انٽر بينڪ ۾7 پئسا گهٽتائي سان 279.26 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ ڏيڍ رپيو لاٿ سان 359 مان 357.5 ۽ يورو  وري 50 پئسا اضافي سان 305.5مان 306 رپين تي پهتا هئا