مديجي: پراڻي تڪرار تان زال مڙس قتل، سندن نياڻي زخمي

0
18

مديجي ويجهو ڳوٺ قادر بخش جتوئي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زال مڙس کي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  سندن 11 سالن جي ڌيءَ زخمي ٿي پئي آهي

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 40 سالن جو طالب شر ۽ سندس گهر واري نهالا خاتون ٿڏي تي مارجي ويا

مقتولن جي ڌيءَ آمنه شر زخمي ٿي پئي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس پهچي مقتولن جا مڙهه ۽ زخمي نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو

پوليس موجب واقعو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي