عدالتي معاملن ۾ مداخلت: اسلام آباد بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

0
22
عدالتي معاملن ۾ مداخلت: اسلام آباد بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
عدالتي معاملن ۾ مداخلت: اسلام آباد بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججز جي عدالتي معاملن ۾ مبينا مداخلت واري معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ججز جي خط جي جاچ لاءِ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت ججز جي خط جي روشني ۾ شفاف جاچ ڪري، شفاف جاچ کان پوءِ عدليه جي توهين ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

 جيڪڏهن معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل سان لاڳاپيل آهي ته عدالت نظرثاني لاءِ سفارشون ڪائونسل کي موڪلي

درخواست ۾ چيو ويو ته آزاد عدليه آئين جو بنياد ۽ انصاف جو واحد ذريعو آهي، عدليه جي آزادي تي سمجهوتو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي

3اپريل تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججز جي خط تي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا هئا ته عدليه جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن  ججز جي خط جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي 7 رڪني لارجر بينچ به جوڙي هئي