ناڻي جا ذخيرا  مضبوط، رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي: ناڻي وارو وزير

0
26
ناڻي جا ذخيرا  مضبوط، رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي: ناڻي وارو وزير
ناڻي جا ذخيرا  مضبوط، رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي: ناڻي وارو وزير

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ناڻي جا ذخيرا  مضبوط ٿي ويا، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ رپئي جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ بلوم برگ اختيارين وچ ۾ رائونڊ ٽيبل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ان دوران ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا مضبوط آهن ۽ مٽا سٽا جي شرح مستحڪم آهي، ايندڙ سالن ۾ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌي ويندي

 آءِ ايم ايف کان نئين قرض لاءِ عملي سطح جو معاهدو جون مهيني جي آخر ۽ جولاءِ جي شروعات ۾ ٿيندو