قانون ۾ ترميم ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو کي مليل سزا به ڪالعدم قرار ڏني وڃي: مراد علي شاهه

0
47

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته قانون ۾ ترميم ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو کي مليل سزا به ڪالعدم قرار ڏني وڃي، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور شهيد قرار ڏئي سندس نالي سان گڏ شهيد لکيو وڃي ۽ سياسي شهيدن کي خاص ايوارڊ ڏنو وڃي

سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته جيڪو ظلم 45 سال اڳ ٿيو، ان جا نتيجا اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون، 27 ڊسمبر تي به جيڪو ظلم ٿيو اهو به ڪڏهن وساري نه ٿا سگهون

ان کان اڳ ڳڙهي خدابخش ۾ يوم تشڪر تقريب ۾ شرڪت بعد وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي سزا بابت فيصلو ٻڌائي پنهنجي غلطي تسليم ڪئي، ثابت ٿي ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف داخل ڪيس ۽ کيس ٻڌايل سزا غير قانوني هئي

ڳڙهي خدابخش ۾ يوم تشڪر جي تقريب ۾ وڏي وزير، نثار کهڙو، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، شهيدن جي مزارن تي چادر چاڙهي دعا به گهري وئي