آمريڪا کي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پابنديءَ تي ڳڻتي

0
122
آمريڪا کي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پابنديءَ تي ڳڻتي
آمريڪا کي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پابنديءَ تي ڳڻتي

آمريڪا پاران پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي پابنديءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي

 آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته اسان پاڪستان کان اظهار جي آزاديءَ جو احترام ڪرڻ ۽ ٽويٽر سميت سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمز تائين رسائي بحال ڪرڻ جا مطالبا ڪندا رهيا آهيون

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته آمريڪا سرڪاري سطح تي پنهنجي ڳڻتيءَ کان پاڪستاني اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي

 پاڪستان ۾ اتحادي جماعتن جي ٺهندڙ حڪومت بابت سوال جي جواب ۾ ميٿيو ملر چيو ته حڪومت ٺهڻ کان اڳ ان تي تبصرو نه ٿا ڪري سگهون، آمريڪا اليڪشن ۾ بي ضابطگين جي ڪنهن به دعويٰ جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهي ٿو