ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي چيو آهي ته جهڙي  نموني اليڪشن ڪرائي وئي آهي، ماشاءَ الله پوري دنيا تعريف ( واکاڻ) ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڊرائنگ روم ۾ ويهي عهدا ورهائڻا هئا ته پوءِ اليڪشن ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ لڳي ٿو ته قبرن تي گل به حصو پتي ڪري چاڙهيا ويندا، ڪالهه انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپس بلاڪ ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ٿيل چونڊن جي سڄي دنيا ساراهه  ڪري پئي، عالمي ميڊيا ته اهو به ٻڌائي رهي آهي ته اليڪشن ڪيئن ٿي آهي؟ انٽرنيٽ هتي (عدالت) به  ڪم نه ڪري رهي آهي، ان موقعي تي پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته انٽرنيٽ هاڻي ڪم ڪري رهي آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن  طرفان سيڪيورٽي خدشن سبب انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪئي وئي هئي، ان وقت سڀ کان وڌيڪ اهم مسئلو قومي سلامتي جو هو، قومي سلامتي سبب انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي هئي، هاڻي امن امان جو ڪو معاملو ناهي، جنهن تي سنڌ حڪومت وڪيل چيو ته اسان انٽر نيٽ بند ڪرڻ جي درخواست نه ڪئي هئي  چيف جسٽس چيو ته ائين نه ڪريو، ماڻهو سمجهدار ٿي ويا آهن، ماڻهن کي سڀ خبر آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي؟ پريشر ڪڪر جي هلڪي سيٽي وڄندي آهي، ان کي وڄڻ ڏيو، ائين نه ٿئي، سيٽي بند ٿيڻ تي پريشر ڪڪر وانگر سڀئي ڦاٽي پون، ڪير صدر ٿيندو؟ وزيراعظم ڪير هوندو؟ گورنر شپ ڪنهن کي ڏني ويندي؟ جيڪڏهن ائين ڪرڻو هو ته پوءِ چونڊون ڇو ڪرايون ويون؟  چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ماشاءَ الله توهان ماڻهو طاقتور آهيو، جهڙي پلاننگ ڪندا آهيو،  ائين ڪندا آهيو،  انٽرنيٽ بند ڪري دنيا ۾ پنهنجو تماشو ڇو پيا ڪرايو؟ لڳي ٿو ته عدالتون ۽ سمورا ادارا بيڪار ٿي ويا آهن، ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي؟ ان موقعي تي عدالت وفاقي حڪومت کان چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب طلب ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا ايپس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.