لاهور ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر سان پيش ايندڙ واقعي جي هڪ نئين وڊيو سامهون اچي وئي

0
849
لاهور ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر

ڪراچي(م ڊ) لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ ۾ سوين ماڻهن طرفان بد تميزي جو نشانو بڻيل عورت ٽڪ ٽاڪر جي هڪ وڌيڪ وڊيو سامهون آئي آهي،

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عائشه اڪرم ۽ ان جا ساٿي مينار پاڪستان تي اچي رهيا آهن جڏهن ته عائشه واقعي کان اڳ پنهنجي هڪ ساٿي سان گڏ وڊيو ٺاهي رهي آهي،

ان دوران ڪجهه نوجوان هن جي چوڌاري جمع ٿين ٿا ۽ شور شرابو شروع ڪن ٿا، جنهن بعد عورت سان هي واقعو پيش آيو،

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کي هدايتون ڏنيون ته هن واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي،

ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي اڳوڻي معاون ذلفي بخاري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم ذاتي طور تي آءِ جي پنجاب کي هن حوالي سان سخت هدايتون ڪيون آهن، واقعي ۾ جيڪو به ملوث آهي انهن کي نه ڇڏيو ويندو.

ھي به پڙھندا

مون فحش ڪپڙا نه پاتا هئا، ڇو اگهاڙو ڪيو ويو؟؟هراسمينٽ جو نشانو بڻجندڙ عائشه روئي ويٺي