دوداپور( ن پ ا) دوداپور ۾ هر سال جيان هن سال به 9 محرم الحرام تي مجلس وحدت المسلمين طرفان سيد علي شاھ جي اڳواڻي ۾ امام بارگاھ دربتول مان جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو مختلف امام بارگاھن منگي امام بارگاھ، شيخن جو پڙ کان ٿيندي وين اسٽينڊ تي پهچي سينا زني ۽ زنجير زني ڪرڻ کانپوءِ واپس ساڳئي جاءِ امام بارگاھ دربتول پهچي 30 سال کان پراڻو باھ تي ماتم ڪيو ويو، دوداپور کان علاوه ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن پنهون ڀٽي، ميرانپور، دائوجهانپور، محمدپور سميت بلوچستان جي شھر اوستا محمد، جعفر آباد ۽ ٻين شهرن مان سوين تعداد ۾ عزدارن امام بارگاھ در بتول پهچي باھ تي ماتم ڪيو. سيڪورٽي جا انتظام پوليس سان گڏ مجلس وحدت المسلمين جا رضاڪارن سان گڏ پڻ انتهائي سخت ڪئي وئي ماتم ڪرڻ کانپوء ننگر نياز ۽ سبيلون ورهايا ويا.