مون فحش ڪپڙا نه پاتا هئا، ڇو اگهاڙو ڪيو ويو؟؟هراسمينٽ جو نشانو بڻجندڙ عائشه روئي ويٺي

0
1492
مون فحش ڪپڙا نه پاتا هئا

لاهور: 14 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي جنسي هراسمينٽ جو نشانو بڻجندڙ ٽڪ ٽاڪر عائشه اڪرم پاڻ سان ٿيل وارتا ٻڌائيندي روئي ويٺي. هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي عائشه اڪرم چيو ته آئون پنهنجي ساٿين سان گڏ 14 آگسٽ جي مناسبت سان وڊيو ڀرڻ وئي هيس ته ڪجهه ماڻهن مون سان سيلفيون ڪڍائڻ شروع ڪيون، ان حد تائين ته ٺيڪ هو پوءِ هجوم وڌندو ويو ۽ مونکي ڌڪيندا جهنگلي وٽ کڻي آيا. اتان هڪ سيڪيورٽي گارڊ مونکي اندر ڪيو پر هجوم جهنگلو ۽ تارون ٽوڙي اندر اچي ويو، اتان ڪرندي ڪرندي هڪ تالاب آيو، جتي مون ٽپو ڏيڻ چاهيو پر نه ڏئي سگهيس.

 

عائشه اڪرم اسان ون فائيو کي ڪال ڪئي پر جواب نه مليو. ساڍي ڇهين وڳي کان 9 وڳي تائين مونکي ٽارچر ڪندا رهيا، منهنجا وار ڇڪي چوندا رهيا، اٿ تون ڊرامو پئي ڪرين. آئون يو ٽيوبر آهيان، منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي جو اگهاڙو ڪيو ويو، مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ماڻهو مونکي ٽارچر ڪري مون سان کيڏي رهيا هئا. مون ته اتي ڪي فحش ڪپڙا نه پائي وئي هيس، نئون وڳو سبرايو هو. جيڪي مونکي ڇڏائين پيا اهي ئي منهنجا ڪپڙا ڦاڙي رهيا هئا. آخر ۾ آئون ساڻي ٿي زمين تي ڪري پيس، پر پوءِ به ڪو منهنجو ٽنگون ڇڪي پيو ته ڪو ٻانهون. هن مطالبو ڪيو ته مون سان جيڪو ٿيو سو ٿيو، سڀاڻي ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان ٿي سگهي ٿو، اقبال پارڪ کي 14 آگسٽ تي بند ڪيو وڃي يا رڳو فيمليز کي ڇڏيو وڃي.

ھي به پڙھندا

لاھور: 400 ماڻھن پاران عورت ٽڪ ٽاڪر سان بدتميزي، ڪپڙا ڦاڙي ھوا ۾ اڇلائيندا رھيا