بدين (رپورٽر) بدين ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مختلف امام بارگاهن مان مجلسن بعد ماتمي جلوس برآمد ٿيا، شھر جي مختلف چوڪن شاھنواز چوڪ،مھراڻ چوڪ، قاضيا واھ، بلاول پارڪ، بينظير پارڪ چوڪ سميت ننڍن وڏن رستن، گهٽين ۾ سبيلن ۽ لنگر نياز سميت چانھه جو لنگر به جار رهيو، جڏهن ته مرڪزي امام بارگاھ ڪائشيانه زينبيه سميت مختلف امام بارگاهن امام بارگاھ سجاديه، امام بارگاھ عزاخانه زھرا تي مجلسن جو سلسلو به ھلندڙ آهي، مرڪزي ماتمي جلوس ذولجناح، تعزين ۽ تابوتن سان گڏ امام بارگاھ ڪاشيانيا زينبيه کان برآمد ٿيو، جنھن ۾ مختلف امام بارگاهن ۽ پڙن کان نڪتل ننڍا وڏا جلوس شامل ٿي ويا ۽ مرڪزي جلوس ۾ سوين عزادارن زنجيرن سان ماتم ڪندي يا حسين جي صدائن سان  پنھنجي روايتي رستن شاھ لطيف روڊ، بلاول پارڪ،قاضيا واھ، غريب اباد،قائداعظم روڊ، ريلوي اسٽيشن، شھباز روڊ کان ٿيندو واپس شاھنواز چوڪ پھتو، جڏهن ته عزاداري دوران شھر جا ڪارباري مرڪز مڪمل بند رھيا، شھر ۾ سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، جڏهن ته ضلعي جي سمورن قبرستانن شاھ قادري جيلاني،ماھ ولي، شيخ عمر درگاھ، لواري شريف سميت مختلف درگاھن ۽ قبرستانن تي ماڻهن پھچي پنھجن وڇڙي ويل پيارن جي قبرن تي مٽي لڳائي دعائون گهريون ۽ اوليائن تي ٻوٽا پڻ لڳايا پيا وڃن.