چين ۾ برساتن جو هڪ هزار سالا رڪارڊ ٽٽي ويو، مختلف واقعن ۾ 25 ماڻهو مارجي ويا

0
384

ڪراچي(م ڊ) چين ۾ برساتن جو هڪ هزار سال جو رڪارڊ ٽٽي ويو، مختلف واقعن ۾ 25 ماڻهو مارجي ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ٽن ڏنهن ۾ طوفاني برساتن کان ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ زينگ زو شهر جي مٽرو ٻڏي ويو، جنهن ۾ ڪيترائي مسافرڦاٿل آهن، جن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي، رپورٽ موجب هن وقت تائين 25 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ مسافر به شامل آهن،چيني صوبي هينان ۾ برساتن جو هڪ هزار سال جو رڪارڊ به ٽٽي پيو آهي، جتي 617.1 ملي ميٽر برسات پئي، برساتن جي ڪري هڪ ملڪين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ شهري لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا هن وقت تائين 7 ماڻهو لاپتا آهن ۽ موسميات کاتي اڃا وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، ٻئي طرف چيني صدر زينگ زو شهر ۾ ريسڪيو ڪاررواين جي لاءِ 5 هزار 700 فوجي مقرر ڪري ڇڏيا آهن.