جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
جھولو ڪجھه وڌيڪ ئي هلي رهيو هو پر پوءِ به آئون ۽ شبير ٻرڙو ڪاري چڪر شيو ٺهرائڻ وياسين، شيو ٺهرائڻ کان پوءِ مون نم جو ڏندڻ حجام جي دڪان جي در تان ڀڃي ڏنو. لائبريري ۾ رجو ڀائيءَ جون اهي ئي سڙيل ڪهاڻيون ٻڌندو رهيس ته هو قيد ڇو آهي، ڪيئن آيو ۽ هن جي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي هُن کي ڪئين ڌوڪو ڏنو. گرميءَ جي ڪري آئون ورزش به ڪونه پيو ڪيان، في الحال سورج مُکيءَ جا ٻج ڪڍي کاڌم ۽ نازبوءَ جا بج صفا ڪري کير ۾ ملائي پيتم. سائين محمد علي لُنڊ قرآن جو سبق ڏيڻ آيو ته مون هن کان سندس ڪهاڻي پڇي ته هن ٻڌايو ته هي ٻٽي قتل “ڪاروڪاري” ۾ قيد ٿيو آهي. قرآن ۾ به شادي شده عورت کي زنا ڪرائڻ جي سزا موت ئي آهي. آئون دل ۾ سوچيو ته عورتن جي بي وفائي هميشه انسانن کي خونخوار جانور بڻائي ڇڏيو آهي. سپاهي صابگو اڄ طالب پلي پوٽي کي اک ڏيکاري ڇو جو طالب دروازي تي بي سبب گوڙ ڪري رهيو هو. شام جو طالب چيو ته آئون جيل ۾ چندو ڪري رشيد جي مدد ڪرڻ ٿو چاهيان، هُن جي شورٽي ڏئي هن کي آزاد ڪرائڻ ٿو چاهيان. هُن جي ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ رشيد کي به هڪ اميد نظر اچڻ لڳي. طالب نوان ڪپڙآ ۽ بي ڪلاس ۾ نئين کولي به خريد ڪرڻ جو چئي رهيو آهي جيتوڻيڪ ٻن مهينن کان پوءِ هُن کي گھران 2 هزار رپيا خرچ جا ملندا آهن. ڌوٻيءَ جو هن تي قرض آهي، ڪاپي (پئسن واري) تي به انتظاميا جو قرض اٿس پر پوءِ به هو وڏيون وڏيون ڳالهيون پيو ڪري، شايد چندي جي پئسن جي سهاري. منهنجا ساٿي ارطغرل غازيءَ جو ڊرامون ڏسي رهيا آهن ۽ ٻاهر آسمان تي مڪمل چنڊ چمڪي رهيو آهي، جنهن جي روشني پوري زندان کي روشن ڪري رهي آهي ۽ هن چنڊ کي ڏسي اسان بس ٿڌو ساهه ئي کڻي رهيا آهيون.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (28 مئي 2021ع، رات جا 8:20منٽ)
منهنجو ڪاڇو!‎
ڪاڇو قدرتي سونهن ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جي بيڌيانيءَ جي ڪري ڪاڇو ترقي نه ڪري سگهيو آهي، ڪاڇو تيل گئس سان مالا مال آهي، ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. ڪاڇو اج به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ڪاڇي جا ڳوٺ شهر هر بنيادي سهولت کان محروم آهن، ڪاڇي جي ڳوٺن شهرن ۾ گرلس اسڪول ناهن، پيئڻ جو پاڻي ناهي، اسپتالون ناهن، گرلس ڪاليج ناهن، نياڻيون تعليم کان محروم آهن، ڪاڇي جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گئس جي سهولت ناهي، جنهن لاءِ وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪاڇي ۾ هر بنيادي سهولت مهيا ڪئي وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
سنڌ ۾ وڌنڌڙ بيروزگاري ڪٿي دنگ ڪندي؟
ھڪ ته سنڌ پبلڪ سروس طرفان مليل نوجوانن کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ نوڪرين تان هٽائي ڇڏيو آهي جيڪي 2018ع ۾ ڊاڪٽر ۽ چٽاڀيٽي ۾ پاس ٿيل مختلف گروپن مان نوڪريون ختم ڪيون ويون آھن پر امتحان پاس ڪندڙ سڀ سفارشي يا رشوت تي به نه آيا ھوندا، انھن ۾ غريب مسڪين ھاري جو اولاد محمد حيات وساڻ جيڪو پاڻ محنت ڪري لکت ۽ انٽرويو پاس ڪري نوڪري حاصل ڪئي پر ڪافي اھڙا غريب شاگرد ھوندا جن محنت ڪئي ھوندي ۽ ڏک ڏولاوا ۽ ننڍون ڦٽائيون ھونديون پر انھن جي اميدن تي پاڻي پيريو ويو. بيروزگار نوجوان جو ريشو لڳ ڀڳ 65 سيڪڙو آھي، اھي نوجوان ڇا ڪن؟ انھن کي ڪاروبار لاءِ پئسو ڪونھي نه وري ڪارخانا يا ملون آھن جن ۾ اھي نوڪري ڪن يا مزدوري ڪن، حڪومت طرفان روز مختلف ادارن ۾ نوڪريون اچن ٿيون پر شاگرد درخواست ۽ بئنڪ چالان ڀري ڀري ٿڪجي پيا آھن، صرف نوجوانن کي لٽڻ ڦرڻ جا نوان نوان طريقا آھن، بيروزگاريءَ جي ڪري غربت ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي. نوجوان آپگھات پيا ڪن، پنھنجا ٻچا بکيا نٿا ڏسي سگھن، عورتون پنھنجا ٻار وڪڻڻ جا ھوڪا پيون ڏين يا واھن جو رخ پيون ڪن، حڪومت جيتري آبادي آھي ان موجب ڪم نه پئي ڪري ته آبادي کي ڪئين ۽ ڪٿي سيٽ ڪرڻ گھرجي، ڪجھ به نه رڳو خيالي پلاءُ ئي آھن، نوڪرين جا صرف ٺلھا آسرا نوجوانن کي ڏين ٿا، نوڪريون پيدا نٿيون ڪيون وڃن، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته مھانگائيءَ سميت بيروزگاري به ختم ڪئي وڃي، نوجوانن کي نوڪرين جي آسري پئسا نه ورتا وڃن، حڪومت کي نوجوانن جي لاءِ ڪم، ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن.
شفيق حسين وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ
ڦل ٿاڻي سميت ضلعي ۾ ويزا تي ويل پوليس عملو واپس ڪرايو!
ڦل جو ٿاڻو جيئن ئي شھر ۾ داخل ٿبو ته چو واٽي تي ٺھيل آھي، جتان سڌوجا-مورو، نوشھروفيروز، پڊعيدن ۽ درياخان مري جا روڊ ملن ٿا ۽ انهن روڊن تي روزانون گاڏين جي وڏي اچ وڃ هوندي آھي ۽ هن ٿاڻي جي حد ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن تائين هجي ٿي، جڏهن ته سڄو سڄو ڦل شھر به آھي، ايتري وڏي ايريا ۽ شھر هوندي به ڦل ٿاڻي تي عملو صرف 6 ڄڻن تي مشتمل آهي جنهن ۾ هڪ ايس ايڇ او، هڪ وڏو منشي، هڪ اي ايس آءِ ۽ باقي 3 سپاهي آھن، اهي 6 ڄڻا ڪهڙو ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري سگهندا ۽ ڏينهن رات چيڪنگ ۽ پيٽرولنگ ڪيئن ڪري سگهندا؟ ان سلسلي ۾ مون جڏهن اهو سوال هڪ ايس ايڇ او کان پڇيو ته ان چيو ته هتي سرڪار طرفان 30 ڄڻن جو عملو مقرر ڪيو ويو آھي جنهن مان 6 ڄڻا ڊيوٽي ڪن ٿا باقي ٻيا ويزا تي ويل آھن ۽ اهڙي ئي طرف سڄي ضلعي نوشھري فيروز مان سوين پوليس وارا ماهوار 5 کان 10 هزار رپيا ڏئي گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سوچيم تڏهن ته ضلعي اندر بدامني روز وڌنڌي پئي وڃي ۽ پوليس وڏا ڏوهاري پڪڙڻ بدران رڳو گهر ويٺي موالي پڪڙي روزانون پريس رليز جاري ٿي ڪري، جن ۾ انهن پڪڙيل موالين جي تصويرن سان گڏ ايس ايس پي، ڊي ايس پي ۽ سي آءِ اي جي عملدار جون وڏي شاهاڻي انداز ۾ تصويرون ايئن ٿا لڳائين ڄڻ ته صاحبن وڏا دهشتگرد پڪڙيا آھن، ان جي لاءِ منهنجي سنڌ جي وزيراعلي، آءِ جي سنڌ کان مطالبو آھي ته ضلعي جي ٻين ٿاڻن سميت ڦل ٿاڻي تان ويزا تي ويل عملو واپس گهرائي کين کان ٿاڻن تي ڊيوٽي ورتي وڃي.
محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر
خزانا ڀريندڙ ملڪي حڪمران ۽ غريب عوام‎!
اسان جو واحد ملڪ آھي جيڪو بنا بريڪ پيو ھلي يا ھلندي ھلندي بريڪ فيل ٿي وڃيس ٿي، اسان جا ادارا ۽ انھن جا سربراھ سڀ بنا بريڪ لڳا پيا آھن، ڪا خبر ڪانه اٿن ته ڪرڻو ڇا آھي؟ اسان جا حڪمران به بنا بريڪ مال گڏ پيا ڪن، انهن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونھي، اسان جي روزمرھ جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين اھڙي ته اسپيڊ ورتي آھي جو غريب جي وٺڻ کان پري ٿي ويون آهن. قبضامافيا به بنا بريڪ جتي دل چوين اتان جي زمينن تي قبضا ڪري محل اڏائي ڇڏي، تڏھن به ڪو مسئلو ڪونھي، اسان جي ملڪ جا جھاز به بنا بريڪ آبادي جي مٿان اچي ڪريو پون، ھزارين جانيون ضايع ڪريو ڇڏين. اسان جي ملڪ ۾ بسون، ٽرڪون ڪارون، سوزڪيون ۽ پراڊو گاڏيون به بنا بريڪ رستي ويندڙن جي مٿان چڙھيو وڃن تڏھن به ڪا ڳالھ ڪانھي، غريباڻي سواري موٽرسائيڪل ۽ ان جو سوار به بنا بريڪ ٿي ويا آھن، پنڌ ماڻھو موٽرسائيڪل ڏسي روڊ تان ئي لھي ڀڄي ٿا وڃن، پوءِ به پيڇو نه ٿا ڇڏين ڄنگھه، ٻانھن يا پاسا ضرور ڀڄرائيندا آهن. ھاڻ ته اسان جي ملڪ جون ريل گاڏيون به ڪنھن جي وس ۾ ناھن، ڪڏھن ڪڏھن ھلندي گاڏا پٽڙيءَ تان لهي ٻي ريل گاڏي سان ٿا وڃي ٽڪرائجن، نه سگنل ڪم ٿا ڪن نه ئي بريڪ. سوين جانيون زيان ٿيون ڪو تدارڪ ڪونھي ۽ ھاڻ اھو وقت پري ناهي جو اھي ريل گاڏيون پٽڙين تان لھي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاھي پونديون ۽ لکين قيمتي انساني جانيون ضايع ڪنديون. اھو سڀ ڪجھ ٿيڻ کان اڳ من عوام ۾ شعور اچي جو پنھنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪري، ڪنھن  انقلاب کي جنم ڏين ته جھور ٿيل جھانگيئڙن ۽ ماروئڙن جون تڪليفون دور ٿين ۽ اسان جا ايندڙ نسل اسان کي بھتر لفظن ۾ ياد ڪن.
رياض راڄپر/ ڀنگو بھڻ، فيضگنج
گهوٽڪي ريل حادثو ۽ ذھني طور اپاهج معاشرو!‎
فردن توڙي قومن جو مستقبل سندن حاليا سوچ تي ڀاڙي ٿو، مضبوط فردن ۽ قومن جو سڀ کان قيمتي هٿيار ۽ سرمايو سندن سوچ هوندي آهي، ان جي ابتڙ، ناڪاري سوچ انسان کي ناڪاره ۽ سماج کي گدلو توڙي سينواريل بڻايو ڇڏي ٿي. ناڪاري سوچ کان به بدتر هڪ ٻيو زاويو آهي، جڏھن ماڻهو ڪنهن ظلم ۽ ناسور کي مڃڻ بدران ويتر متاثر کي ان ڏوهه جو ذميوار سمجهن. انهن جي ڪروڌ جو رخ حقيقي ڏوهي بدران مظلوم تي ھجي ٿو، جيئن اڪثر زيادتي جي مسئلن ۾ عورت کي پردي جو جواز ڏئي حقيقي ڏوهي قرار ڏنو وڃي ٿو. حادثن جو ذميوار ڊرائيور، غربت جو ذميوار غريب، ڏوھ جو ذميوار به نقصان سهندڙ کي ئي سمجھيو وڃي ٿو. ايئن ئي سماج مظلوم جو استحصال ڪري ڏوهي کي پناهه ڏئي ٿو، حالت ويتر بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي. گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ ريل حادثو به اُن سلسلي جي ڪڙي ۽ ساڳي سوچ جي اُپٽار آهي. فردوس عاشق اعواڻ چواڻي ته اهو الحمد الله سال جو پهريون حادثو آهي، ڇا اها متاثرن جي جانين جي تذليل ناهي؟ 30 ماڻھن جو موت انهن 30 خاندانن جو موت ناهي؟ ڇا اُن جو ڪو پورائو يا انهن جي ڏک جو ڪو ماپو آهي؟ پَر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڪراچي جهاز حادثي جيان پائلٽ تي الزام هڻڻ ۽ ڊرائيور جي سر تي اھو سهرو سجائڻ سرارسر ناانصافي، بيوقوفي ۽ پنهنجن فرضن کان علمي آهي. 2019-20 ۾ 75 کان وڌيڪ ماڻھن ريل حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿيا. سائنسي طريقي سان ڏسجي ته هر اثر جا ڪجهه ڪارڻ ضرور هوندا آھن. ۽ هتي سڀ کان وڏو سبب ادارن جي خراب ڪارڪردگي ۽ عوام جي دقيانوسي سوچ آهي، جيستائين ماڻھن پنهنجي سوچ کي هاڪاري نه بڻائيندا، هو شين کي حقيقي شڪل ۾ نه ڏسي سگهندا. سندن ڪاوڙ صرف مظلوم تي ئي رهندي، جيڪا ڪمزور ۽ اپاهج معاشري جي نشاني آهي.
محمد شريف اوٺو/ سوڀوديرو، خيرپورميرس
وڻجهاري جي ماءُ، وڻجهارو نه پليئن!‎
شام ويلي جڏهن پکي پکڻ پنهنجن آکيرن طرف وڃي رهيا هئا ۽ وٿاڻن ڏانهن ورندڙ ڪارين ڪنڍين مينهن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽلين جا آواز سانوڻ کي سرور بخشي رهيا هئا ته سانوڻ چانھ جا ٻه ٽي ڍڪ پي پنهنجي ڪکائين گهر کان سڌو درياهه جو رخ ڪيو. جتي رڳو واري اڏامي رهي هئي .درياهه جو سڪل پيٽ ڏسي سانوڻ جي ذھن ماضي ڏي موٽ کاڌي. پنهنجي منهن ڀڻڪيو ۽ چوڻ لڳو، هل اهي به ڏينهن هئا، درياهه بادشاهه تاروتار وهندو هو. سندس سڄي سنگت کاري پاڻيءَ جو پلو کائڻ لاءِ فرمائشون ڪندي هئي ته سانوڻ جتي درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو اتان جا پلا کارائي، ٻڌو آھي ته کاري جا پلا کائڻ جو ذائقو ئي الڳ آھي. پوءِ سندس دوست ٽولن جي صورت ۾ ايندا هئا ۽ پاڻ صبح ساڻ سنگت جي فرمائش پوري ڪرڻ لاءِ درياهه ۾ لهي پوندو هو پر سانوڻ اڄ درياهه ۾ پاڻي بدران اڏامندڙ واري ڏسي ڏکارو ٿي پيو هو. سانجهيءَ ٽاڻي گهر موٽيو ته سندس منهن تي اداسي ڦھليل ڏسي سندس وني پڇيو سانوڻ ڇو اداس آھين؟ وراڻيائين درياهه بادشاهه جون موجون ٿيون ياد اچن، جڏهن اهو تاروتار وهندو هو ته ٻيڙا پيا هڪليندا هئياسين پر اڄ واري پئي اڏامي. درياهه ۾ پاڻي هجي ها ته هتي پيا گذر ڪريون ها، هاڻي صبح ساجهر اٿارجان ته وڃي سمنڊ ۾ هوڙا ڪاهيون، جتي برساتن ۽ طوفانن ۾ رڳو خطرن سان کيڏڻ برابر آھي پر ڇا ڪجي پيٽ جي ته ڪرڻي آھي. سندس وني ور جي واتان سمنڊ ڏي اسهڻ جي ڳالھ ٻڌي ته ڏکاري ٿي پئي. سندس اندر جي ڪيفيت ڀٽائي جي هنن سٽن جي عڪاسي ڪري رهي هئي ته:
وڻجهاري جي ماءُ، وڻجهارو نه پليئن
آيو ٻارهو ئي ماهه، پڻ ٿو سفر سنڀري!
غلام علي گل/ٻيلو،سجاول
وس وارن کي مدد جي اپيل!
سجاول جي بخاري محلي جو رهواسي پورهيت سڪندر ميربحر مسافر ڪوچ جي ٽڪر لڳڻ کان پوءِ معذور ٿي بستري ڀيرو ٿي ويو آهي ۽ تڪليفن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هڪ ڄنگھه کان معذور نوجوان سڪندر ميربحر پنهنجي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته آئون گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد هئس، آئون ڪراچي ۾ مزدوري ڪري پنهنجي گهروارن جو پيٽ پاريندو هئس پر مون کي مسافر ڪوچ ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن سبب منهنجي هڪ ڃنگھه زيان ٿي وئي آهي ۽ ان جو سٺو علاج نه ٿيڻ ڪري انتهائي سخت تڪليفن واري زندگي گذاري رهيو آهيان، جڏهن ته منهنجي بيروزگار ٿيڻ جي ڪري منهنجي گهر ۾ فاڪاڪشي ٿي وئي آهي، هن چونڊيل نمائندن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجو سٺو علاج ڪرائڻ سميت منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن مون کي تڪليفن مان ڇوٽڪارو ملي سگھي.
وفا بابو پٺاڻ/ سجاول
مير عبدالحسين “سانگي” جي ياد ۾!
مير عبدالحسين “سانگي” ٽالپرن جي خاندان جو آخري حڪمران ميرنصير خان جو پوٽو ۽ مير عباس علي خان جو فرزند ھو، “سانگي” 15 ڊسمبر 1851ع ۾ ڪلڪتي ھندستان ۾ ڄائو، 6 ورھين جو ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو، پوءِ سندس چاچي سندس پرورش ڪئي، 1859ع ڌاري قيد مان آزاد ٿي پنهنجي چاچي مير حسن علي خان سان گڏجي سنڌ آيو ۽ سندس سنڀال ھيٺ حيدرآباد ۾ رھڻ لڳو، اتي چڱي تعليم حاصل ڪيائين، سرڪار وٽان کيس اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽي جو عھدو مليو، کيس ننڍپڻ ۾ شاعريءَ جو شوق ھو، جوانيءَ ۾ سندس شاعري وڏي ترقي ڪئي، پنهنجي شاعريءَ واري دور ۾ سنڌ جا ناميارا شاعر جھڙوڪ حافظ حامد، سيد مرتضيٰ شاهه، غلام محمد شاهه، گدا پير ۽ حبڏنو شاهه سندس محل ۾ گڏجي شاعري جون محفلون ڪندا ھئا. مير عبدالحسين “سانگي” جديد سنڌي غزل جو باني آهي، “سانگي” غزل کي ايراني ماحول مان ڪڍي سنڌي ويس پھرايو، ھو نه رڳو شاعر ھو پر ھڪ قابل نثر نويس پڻ ھو، “لطائف لطيفي” جي نالي سان فارسيءَ ۾ لطيف تي ڪتاب لکيائين، جيڪو اڳتي ھلي سنڌي ۾ ترجمو ٿيو، ان کان سواءِ “ڪليات سانگي، ديوان سانگي” پڻ لکيائين، جيڪي ھن وقت ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جي ھن خوبصورت شاعر 12 جون 1924ع تي وفات ڪئي. “سانگي”جي سموري شاعري ھونئن ته ڪمال جي آهي پر مون کي سندس ھي سٽون بيحد گهڻيون وڻن ٿيون:
گذري جي وياسي زمانا ياد پيا،
وسري جي وياسي ترانا ياد پيا،
فصل جي خواهش ۾ وسري اصل ويو،
سنگ چونڊي نه ڪانا ياد پيا.
سانگي شبير ڪنڀر/ڊگري ڪاليج سنڌڙي
پنجين نمبر واري ٻولي، ملڪ جي قومي ٻولي!‎
ملڪ ٺهڻ کان وٺي اسان جي حڪمرانن جي عجيب ذهنيت رهي آهي، جڏهن نئين ملڪ جا بنياد جوڙيا پي ويا ته اسان جي ملڪ جا اهلِ اقتدار ۽ حڪمران زميني ۽ سائنسي حقيقتن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري عارضي، جذباتي ۽ مذهبي جنونيت جي بنيادن تي ملڪ جا بنياد کڙا ڪيا، جنهن ۾ حملي آورن ۽ لٽيرن کي ملڪ جو هيرو ڪوٺيو ويو، جمهوريت جي نالي کان نفرت ڪندڙن کي ملڪ جو قومي شاعر ڪري پيش ڪيو ويو ۽ چند ماڻهن جي ٻولي (سو به اهي ٻاهران کان گهرايا ويا هئا) کي بنگالي، پنجابي ۽ سنڌي ٻولي تي اوليت ڏئي ڍاڪا ۾ وڏي واڪي اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي آيا ۽ سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته ان ڏينهن کان ڍاڪا ۾ ٿيندڙ احتجاج نيٺ بنگلاديش جي صورت اختيار ڪئي. خير اهو هو ماضي جو ڪجهه احوال هو، هاڻي اچون ٿا پنهنجي موضوع ڏانهن، جيڪو  2017ع جي ٿيل آدمشماري ۾ پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولين جي انگن اکرن بابت آهي، 2017ع جي ٿيل آدمشماري موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي پنجابي آهي، جيڪا اٽڪل 39 سيڪڙو آهي، ٻئين نمبر تي پشتو ٻولي آهي جيڪا اٽڪل 18 سيڪڙو آهي، ٽئين نمبر تي سنڌي ٻولي آهي جيڪا اٽڪل ساڍا 14 سيڪڙو آهي، چوٿين نمبر تي سرائيڪي ٻولي آهي، جيڪا 14 سيڪڙو آهي ۽ پنجين نمبر تي سڄي ملڪ جي قومي ٻولي، اردو ٻولي آهي جيڪا سڄي ملڪ ۾ فقط 7 سيڪڙو ڳالهائي وڃي ٿي. هاڻي اها آهي صورتحال، تنهنڪري فقط 7 سيڪڙو ڳالهائي ويندڙ ٻولي سڄي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ فطرتي قانون جي خلاف آهي ۽ اها ڳالهه هر ڪنهن کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جڏهن به انسان فطرت جي خلاف ڪو عمل ڪندو آهي ته اهو هميشه گهاٽي ۾ ويندو آهي، سو ان گهاٽي کان بچڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولين جهڙوڪ پنجابي، پشتون ۽ سنڌي ٻولين کي به قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ۽ اها ئي وقت جي گهرج آهي.
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد
ڪٿي تعليم کان سواءِ جهالت ته عام نه پئي ٿئي؟
ڪورونا کي خير سان ٻه سال پورا ٿي ويا آهن، ويڪسينيشن جو عمل پڻ جاري آهي، جتي هن وبا زندگيءَ جي روزمرهه جي ڪمن ڪارين کي متاثر ڪيو آهي اتي ئي ماڻهن کي بيروزگار ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور پڻ ڪيو آهي، ته اتي ئي تعليم کان سواءِ اسان جي مستقبل جي معمارن کي پڻ نقصان پهچايو آهي. جڏهن کان هن وبا جو ڦهلاءُ شروع ٿيو آهي تڏهن کان اسان جا تعليمي ادارا مسلسل بندش جو شڪار رهيا آهن، جنهن سان نه رڳو تعليم تي تمام گھڻو خراب 4اثر پيو آهي پر ايندڙ نسل جي مستقبل تي پڻ تمام گهرو اثر پيو آهي، ڇو ته تعليمي ادارا بند هجڻ جي ڪري ڪافي ٻارڙن جو ڌيان ڪتابن تان کڄي ويو آهي، ڪجھ مزدوري ڪرڻ لڳا آهن ڪجھ گهرن ۾ فضول وقت وڃائڻ لڳا آهن ته ڪجھ وري خراب صحبت ۾ اچي برا بڻجي ويا آهن، جڏهن ته هر قسم جي پابندي ختم ڪئي آهي، اتي تعليمي ادارن جي مسلسل بندش هڪ سواليا نشان آهي. ان ڪري حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته ڪٿي تعليم کان سواءِ جهالت ته عام نه پئي ٿئي؟
آفاق علي تمراڻي/ ڪنب 
واڪا ڪرڻ مون وس !
فيبروري 2020ع ۾ جيئن ئي پاڪستان اندر پهريون ڪورونا ڪيس ظاهر ٿيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن تعليمي ادارن کي ڊگهي مدي لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ايتري قدر جو اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز جا ساليانا امتحان پڻ نه ورتا ويا، بنا امتحان جي شاگردن کي اڳين درجي ۾ ترقي ڏني وئي. وبا جي شرح کي نظر ۾ رکندي گذريل سال کان وٺي ادارا کلندا ۽ بند ٿيندا رهيا آهن. تعليمي ادارن جي ڊگهي مدت لاءِ بند هئڻ سبب لکن جي تعداد ۾ شاگردن جي تعليم تباهه ٿي آهي ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استاد ۽ ٻيو اسٽاف پڻ مالي لحاظ کان متاثر ٿيو آهي، گڏوگڏ هزارن جي انگ ۾ شاگرد اسڪول نه وڃڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. هڪ استاد ۽ سماج جي باشعور فرد هئڻ جي ناطي جڏهن مان شاگردن ۽ انهن جي والدين سان مليس ۽ ٻارن کي تعليمي ادارن ڏانهن نه موڪلڻ جو سبب پڇيو ته انهن وراڻيو ته سرڪار ڪڏهن اسڪول کولي ٿي ته ڪڏهن وري بند ٿي ڪري، مون کين موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر انهن منهنجي ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. “روزاني پنهنجي اخبار” وسيلي منهنجي سنڌ سرڪار کي نماڻي گذارش آهي ته هن وقت ڪورونا جي شرح به گهٽ آهي، تنهنڪري پهرين کان 8 درجي تائين جا ڪلاس جلد شروع ڪيا وڃن ۽ سندن امتحانن کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ جا شاگرد به وفاقي توڙي ٻين صوبن جي شاگردن جيان پنهنجون تعليمي سرگرميون جاري رکي سگهن.
عبدالستار کوکر/ ڪنب