متبادل توانائي جي ماحول دوست ذريعن جي چٽي به ڪوهستاني ڀرين!

0
266
ذهني ۽ نفسياتي مريض ۽ رازداريءَ واري قانون جي ڀڃڪڙي
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

سنڌ جا حاتم طائي حڪمران ڪوهستان جي قيمتي زمينن جي ڀڳڙن مٺ تي ورهاست جاري رکيو اچن. هزارين ايڪڙ زمين اڳ ۾ ئي ونڊ پاور ڪمپنين کي ڏني ويئي آهي، جتي مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن، ۽ سنڌ سرڪار انهن ڪمپنين ۾ مقامي بيروزگار نوجوانن جي روزگار واري حق جو تحفظ نه ڪري سگهي آهي. حڪومت جو تازو قدم اهو آهي ته سنڌ ڪابينا اينگرو ڪمپنيءَ کي ٺٽي جي ڪوهستان واري ونڊ ڪاريڊور ۾ هوا ۽ سج جي روشنيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ خاطر ونڊ ۽ سولر پاور پراجيڪٽس جي لاءِ پوڻا 7 هزار ايڪڙ زمين، 30 سالن جي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير روينيو ۽ توانائي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته، اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان زمين تي ڪو به ڳوٺ آباد نه ٿيندو.

سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ هميشه اها پروپيگنڊا ٿيندي رهي آهي ته اهي ترقيءَ جا دشمن آهن پر حقيقت ۾ ائين ڪونهي. سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به جٽادار ترقيءَ جي مخالفت ناهي ڪئي، سواءِ ‘ترقيءَ’  جي نالي ۾ هلندڙ انهن پروجيڪٽس جي، جن ۾ نه مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، نه ئي ٻي ڪا سهولت ميسر هجي ۽ ‘ترقيءَ’ جي نالي ۾ انهن جا صديون پراڻا قديم ڳوٺ ۽ قديم قبرستان مسمار ڪيا وڃن. پوليس، روينيو عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا سان ملي منظور ٿيل سرڪاري ليز کان ٻيڻي ٽيڻي زمين تي قبضو ڪيو وڃي ۽ اها زمين بلڊر مافيا جي حوالي ڪئي وڃي. ڪوهستان جي ونڊ ڪاريڊور ۾ هزارين ايڪڙ زمين ونڊ پاور ڪمپنين کي ڏني ويئي آهي. جيئن ته ڪنهن به پروجيڪٽ ۾ روزگار جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو هوندو آهي، پر هتي مقامي نوجوانن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. صرف ٺيڪيداري سسٽم ۾ ڪَچا ملازم رکيا وڃن ٿا يا وري ڪمپنين ۾ ڪَچا ملازم رکي انهن کي ڪجهه عرصي بعد فارغ ڪري وري نوان ڪَچا ملاز ڀرتي ٿين ٿا. ڪوهستان جي تعليم يافته ۽ ٽيڪنيڪل ڊگريون رکندڙ نوجوانن کي روزگار نٿو ملي. حد ته اها آهي ته سنڌ حڪومت به مقامي ماڻهن جي روزگار واري حق جو تحفظ نه ڪري سگهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ليز ٿيل ان زمين تي ڪو به ڳوٺ آباد نه ٿيڻ کي يقيني بنائڻ جي ته هدايت ڪئي آهي، پر هتي اهو سوال پڇي سگهجي ٿو ته ان لڳ ڀڳ پوڻا 7 هزار ايڪڙن تي جيڪي قديمي ڳوٺ آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟ ڳوٺ صرف هڪ وسنديءَ جو نالو ئي نه آهي، ان سان ڪوهستان جو سڄو ڪلچر سلهاڙيل آهي. صرف ماڻهو ۽ چوپايو مال ئي دربدر نه ٿيندو، ولوڙن وايون، چنگ چڙا، گيت ۽ مورا به ڪوهستان بدر ڪيا ويندا. سنڌ جا بيربل ثاني حڪمران، وزير ڪبير ڪراچيءَ جي نالن تي ويٺل ماڻهن کي اٿاري انهن کي متبادل زمين تي گهر ٺهرائي ٿا ڏين، ڇا اهڙي ڪا عنايت انهن دربدر ڪيل ڪوهستانين تي به ٿي سگهندي؟ هن وقت به ڪوهستان ۾ وڏي تعداد ۾ اهڙا ڳوٺ آهن، جن جا ونڊ پاور ڪمپنين رستا ۽ لنگهه بند ڪري ڇڏيا آهن. ڪوهستان جي ونڊ ڪاريڊور ۾ تمام گهڻيون ڪمپنيون هوا مان بجلي ٺاهي نيشنل گرڊ کي وڪڻي رهيون آهن، پر ان بجليءَ تي ڪوهستان جي ماڻهن جو ڪو به حق نه آهي، ڪوهستان جا ڳوٺ بجليءَ جي سهولت کان محروم آهن، جهمپير شهر ۽ وسنديون اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب اوندهه ۾ ٻڏل هوندا آهن. دنيا ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ سبب پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ مشڪل بڻجندو وڃي. تيل، ڪوئلو ۽ بجلي پيداوار جا ٻيا ذريعا ماحولياتي گدلاڻ جا سبب بڻجن ٿا، ان ڪري هوا ۽ سج جي روشنيءَ مان پيدا ٿيل توانائي، متبادل توانائي جا ماحول دوست ذريعا سمجهيا وڃن ٿا. سنڌ جي ڪوهستاني ۽ ساحلي پٽيءَ ۾ اهو ‘پوٽينشل’ گهڻو آهي، پر ڪوهستان جي ونڊ ڪاريڊور ۾ قائم ڪمپنين/پروجيڪٽن جو تجربو سامهون آهي، جتي مقامي بيروزگار نوجوانن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. حد ته اها آهي ته اهي ڪمپنيون اربين رپيا ته ڪوهستان مان ڪمائين ٿيون پر اهي مقامي آباديءَ کي ڪا به سهولت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. ايتري قدر جو انهن ڪمپنين طرفان نه ڪا جديد سهولتن واري معياري اسپتال قائم ٿي سگهي آهي، جتي مقامي ماڻهن جو مفت علاج ٿئي ۽ نه ئي وري ڪو اعليٰ معيار جو تعليمي ادارو انهن ڪمپنين طرفان قائم ڪيو ويو آهي، جتي ڪوهستان جا ٻارڙا اعليٰ معيار جي مفت تعليم حاصل ڪري سگهن، جيڪو ڪوهستان واسين جو حق پڻ آهي.

ڪوهستان جي ونڊ ڪاريڊور ۾ لڳندڙ پاور پلانٽس تي اسان ارها ڪونه آهيون، پر اسان ان جٽادار ترقيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، جنهن مان مقامي ماڻهن کي به فائدو هجي. اسان سنڌ حڪومت کان اها گهر ٿا ڪريون ته هن وقت ونڊ ڪاريڊور جي سمورن پيداوار ڏيندڙ توڙي تعمير هيٺ پروجيڪٽس ۾ مقامي بيروزگار نوجوانن جي روزگار کي يقيني بڻايو وڃي. ڪوهستان جي سمورن ڳوٺن ۽ وسندين کي بجليءَ جي مفت سهولت فراهم ڪئي وڃي. جهمپير ۾ انهن ڪمپنين کي جديد سهولتن ۽ اعليٰ معيار جي اسپتال ۽ هڪ تعليمي ادارو/اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي، جتي ڪوهستان واسين کي مفت علاج ۽ تعليم جون سهولتون ميسر هجن. ان کان سواءِ هڪ ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر به قائم ڪيو وڃي ته جيئن ڪوهستان جا نوجوان انهن ٽيڪنالاجين جي ٽيڪنيڪل ٽريننگ حاصل ڪري ونڊ ڪاريڊور جي ڪمپنين ۾ روزگار حاصل ڪري سگهن. اسان اها گهر ڪرڻ ۾ پڻ حقي واجبي آهيون ته ليز ٿيل زمين تي، جي قديم ڳوٺ آهن ته انهن جي رهواسي ڳوٺاڻن کي متبادل زمين مهيا ڪري سرڪاري خرچ سان معياري گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، يا اها سهولت رڳو نالن تي گهر ٺهرائي رهندڙ ڪراچي واسين لاءِ آهي؟