ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 150 رپيا سستو، ڊالر ۾ 10 پئسن جي واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 150 رپين جي لاٿ سان 112850 مان 112700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1450 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا اضافي سان 155.5 مان 155.6 رپين تي پهتو ، جڏهن ته پائونڊ پڻ 10 پئسا واڌ سان 220 مان 220.1 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 10 پئسا واڌاري سان 189.5 مان 189.6 رپين تي پهچي ويو