سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان

0
179
سنڌ ۾ 16 کان 18 سيپٽمبر تائين چوماسي جي برساتن جو امڪا
سنڌ ۾ 16 کان 18 سيپٽمبر تائين چوماسي جي برساتن جو امڪا

ڪراچي: سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي

 ان سلسلي ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتون وسائيندڙ هڪ نئون سسٽم اڄ ملڪ ۾ داخل ٿيندو، سڀاڻي تائين اهو سسٽم ملڪ جي اڪثر علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو، اڄ کان سنڌ، بلوچستان، پنجاب، اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تيز برساتون شروع ٿيڻ جا امڪان آهن

موسميات کاتي موجب برساتن جو اهو سلسلو جمعي تائين جاري رهندو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، سانگهڙ، مٺي، ٺٽي، بدين ۽ شهيد بينظير آباد ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وسڪاري جا امڪان آهن

Karachi weather update: More rain expected in metropolis today, says meteorologist

ٻئي پاسي طوفاني هوائن ۽ وسڪاري دوران ڄامشورو کان نوري آباد تائين بجليءَ جي ڪري پيل 12 ٽاورز جي مرمت جو ڪم جاري آهي

ان سلسلي ۾ حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل عملي پاران بجليءَ جا ٽاور ٻيهر لڳائڻ وارو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو ويو آهي، ٽن ڏينهن اندر مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويندو

بجليءَ جا ٽاور ڪرڻ سبب ڄامشورو کان نوري آباد ۽ نوري آباد کان ماسٽر گرين تائين بجليءَ جي فراهمي معطل بڻيل آهي

حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته نوري آباد صنعتي زون کي متبادل لائين ذريعي بجليءَ جي فراهم جاري آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، منهه ڪرڻ سبب نينگر فوت