عمران خان کي حڪمران مارائڻ چاهين ٿا: شيخ رشيد

0
221

اسلام آباد: شيخ رشيد تي آصف زرداري خلاف الزام بازي واري ڪيس ۾ فرد جرم واري ڪارروائي 14 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائنيدي شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي گرفتاري  ڪو مسئلو نه آهي، پر حڪمران کيس مارائڻ چاهين ٿا

صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد وڌيڪ چيو ته هي ڪريڪ ڊائون ڪري عمران خان جي سياست کي  ختم ڪرڻ چاهين ٿا، سڀني کي چوندس ته عقل کان ڪم وٺن، ملڪ معاشي بحران  جو شڪار آهي، هن وقت ماڻهو صرف شفاف چونڊون چاهين ٿا

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ملڪي صورتحال سهي ناهي، هر پاسي ماڻهو دانهون ڪري رهيا آهن، عمران خان اليڪشن جي لاءِ تيارآهي، مرڻ گهڙيءَ تائين عمران  خان سان گڏ رهندس

هي به پڙهندا

دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان عمران خان جي اڄوڪي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ