ٽنڊو آدم (ن پ ا) ايس ايس پي سانگهڙ مختلف ڏوهي ڪاررواين ۾ ملوث 7 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جاچ جو حڪم، ان ڏس ۾ ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي مختلف ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث 7 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ سندن خلاف جاچ جوحڪم ڏئي ڇڏيو آھي معطل ٿيندڙن ۾ کڏڙي ٿاڻي جو اي ايس آء وڪيل احمد راجپوت، منگلي ٿاڻي جو هيڊ ڪانسٽيبل عبدالجميل ، ٽنڊو آدم سٽي ٿاڻي جو هيڊ ڪاسٽيبل اظھر علي سهتو، شاهپورچاڪر ٿاڻي جو ڪانسٽيبل گلبهار، سرهاڙي ٿاڻي جو ڪانسٽيبل محبوب علي زرداري، جهول ٿاڻي جو ڪانسٽيبل غلام محمد ۽ ڊي ڪي رند ٿاڻي جو محمد حنيف شامل آھن.